اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گورننس جو مقصد عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻڻ آهي، جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪو به سسٽم ڪامياب نٿو ٿي سگهي، بهتر ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ۽ مراعتون ڏنيون وينديون. مسئلن جي حل لاءِ غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. نيب ۾ سڌارن کانپوءِ بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو بهانو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 10 وفاقي وزارتن ۾ تعربادشاہ/116857.html">يفي سندون ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير خصوصي صلاحڪار، وفاقي وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار به موجود هئا. وزيراعظم تقريب ۾ بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جنهن ۾ مواصلات واري وزارت، منصوبابندي ۽ ترقي، غربت جي خاتمي، وفاقي تعليم، انساني حقن، صنعت ۽ پيداوار، قومي سلامتي واري ڊويزن، واپار، گهرو ۽ قومي غذائي تحفظ شامل آهن، ۾ تعربادشاہ/116857.html">يفي سندون ورهايون. وزيراعظم وزارتن جي ڪا??ڪردگي جانچڻ جو نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ارباب شهزاد ۽ ان جي ٽيم کي مبارڪباد ڏني، وزيراعطم چيو ته ايندڙ تقريب جي انقعاد کان اڳ بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن جا نالا ظاهر ڪيا ويندا ته جيئن سڀئي وزارتون تقريب ۾ موجود هجن ۽ انهن جي وزارت جي ڪا??ڪردگي سڀني جي سامهون اچي سگهي ته جيئن جن وزارتن جي ڪا??ڪردگي بهتر نه آهي ۽ جن وزيرن ڪم ناهي ڪيو انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي. وزيراعظم چيو ته ڪو به سسٽم جزا ۽ سزا کانسواءِ ڪامياب نٿو ٿي سگهي، وزيراعظم نجي شعبي جي اسپتالن جو مثال ڏنو، جن ۾ پگهارون ۽ مراعتون سرڪاري اسپتالن کان گهٽ آهن پر انهن جي ڪا??ڪردگي بهتر آهي ڇاڪاڻ جو اتي ترقي ۽ مراعتون سينارٽي جي بنياد تي نه پر ڪا??ڪردگي جي بنياد تي ڏنيون وينديون آهن، هن چيو ته حڪومت ڪا??ڪردگي جانچڻ جو نظام جوڙيو آهي، جنهن سان سرڪاري ادارن جي ڪا??ڪردگي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد کي بهترين ڪا??ڪردگي ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هو نوجوان وزير آهي ۽ هن بهترين ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ کي پاڻ ڀاڙڻ طرف گامزن ڪرڻ لاءِ وزارتن جو ڪردار اهم آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ ۽ ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. عوام جي زندگي کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ اسان جو مشن آهي، مسئلن جي حل لاءِ روايتي سوچ کان نڪري غير روايتي سوچ ۽ طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته بهترين ڪا??ڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ وزارتن کي بونس ڏنا ويندا، بغير فرق سڀني کي مراعتون ڏيڻ جو نظام نه هجڻ گهرجي، هن وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم سوچي. وزيراعظم چيو ته نيب ۾ سڌارن کانپوءِ هاڻي بيورو ڪريسي وٽ ڪم نه ڪرڻ جو ڪو به بهانو نه آهي