اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته آبادي ۾ تيزي سان اضافي سان ملڪ جي ??ماجي ۽ اقتصادي ترقي تي اثر پئجي ??هيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ??رورت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي تي عوامي ر??ءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبادي ۾ تيزي سان اضافي تي ميڊيا نمائندن سان فڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما سيريلز ۾ آبادي جي مسئلي تي ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي ل??ءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ??رورت آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي جي ل??ءِ آبادي ۾ اضافي تي پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح باب?? بيداري پيدا ڪري. هن چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ??رورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ٻارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي ??حت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته آبادي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي ??گهي ٿو، آبادي ۾ اضافي سان نئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي ??هولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي ??گهي ٿو.