اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چاهيان، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون، آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي صد??رتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ٿيو. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج محمد علي وڙائچ ٻڌڻي ڪئي. صد?? 2016ع جي پنهنجي خلاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضرو ٿيو. صد?? صد??رتي ڇوٽ نه وٺي عدالت آڏو پيش ٿيڻ جي درخواست ڪئي هئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر ??عو??ڻ وڪيل طور عدالت ۾ پيش ٿيو. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي بابر ??عو??ڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صد?? چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چاهيان ٿو. آئ??ن صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چاهيان ٿو ان لاءِ پيش ٿيس. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿيندا انصاف نه ٿيندو. آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صد?? چيو ته ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن، ان دوران گواهه مري وڃن ٿا، ڪاغذ وڃائجي وڃن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي وڃن ٿيون. مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ٿيا، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي. مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿو چاهيان. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عدالت کان ضمانت به ورتي هئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي عدالت مان واپس روانو ٿيو. صد?? جي اچڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.