اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ازبڪ ثقافت واري وز??ر اوزد بيڪ نازابيڪوف ٻنهي ملڪن جي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي شعبن ?? تعاون جي هڪ معاهدي تي صحي??ون ڪيون. ان حوالي سان هڪ سادي ۽ پروقار تقريب هتي ٿي. گذريل ڏينهن جاري آفيشل ٽوئيٽ موجب اهو معاهدو ازبڪستان جي قومي ريڊيو ۽ ٽيليويزن ڪمپني ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽي وي ۽ ريڊيو جي شعبن ?? تعاون جي لاءِ طئي ٿيو. اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ ازبڪستان جي ثقافت واري وز??ر اوزود بيڪ نازابيڪوف معاهدي تي صحي??ون ڪيون.