اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ت?? او آءِ سي جي مسلمان امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ تڪرارن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پاڪستان ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، داعش، ايسٽ ترڪمانستان اسلامي موومينٽ، ٽي ٽي پي ۽ القاعده جهڙن ٻين دهشتگرد گروپن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر حڪمت عملي جي ضرورت آهي?? افغانستان ۾ انساني الميي ت?? ضابطو آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو، مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي ??اليسي جو مرڪز ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ ا??حا??، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏيهي ??زيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي ??زير چيو ته اسان کي نفرت تي ٻڌل نظرين، تشدد، امتيازي سلوڪ، انتهاپسندي جي خلاف گڏيل آواز اٿارڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستاني پرڏيهي ??اليسي جو مرڪزي ٿنڀ آهي، يوڪرين بحران عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اسان کي دنيا ۾ ا??حا??، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي. پرڏيهي ??زير چيو ته هن وقت دنيا جي سمورن تڪرارن مان 60 سيڪڙو کان وڌيڪ رڳو مسلمان ملڪن ۾ موجود آهن، يمن، شام کان صوماليه تائين مختلف جايون تڪرارن جو شڪار آهن، دنيا ۾ ٻه ڀاڱي پناهگير شام، ميانمار، صوماليه?? افغانستان مان اچي رهيا آهن، اسان کي اندروني انتشار ۽ چئلينجنز تي ضابطو آڻڻو پوندو، مسلمان امت جي لاءِ هي ??قت آهي ت?? اها پنهنجي سرحدن جي اندر موجود شورشن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري، اسان کي پوري دنيا ۾ اتهاد، انصاف ۽ ترقي جي لاءِ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار هجڻ گهرجي پر جارحيت يا ڏاڍ ۾ ڪنهن جو به ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.