اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ طرف ڪرپشن بچائڻ وارو ٽولو ۽ ٻئي طرف وزيراعظم عمران خ??ن آهي، قوم فيصلو ڪيو آهي ته ملڪي ??ال??يت ۽ وزيراعظم عمران خ??ن سان گڏ ڄمي بيٺل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ??ال??ائيندي هن چيو ته ڪالهوڪي جلسي ۾ قوم وزيراعظم عمران خ??ن تي اعتماد پلس ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ٻاهريون قوتون حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوششن ۾ ملوث آهن، عوام فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو ملڪي ??ال??يت سان گڏ آهي. هن چيو ته ڪامياب جلسي جي انعقاد تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هڪ عرصي کانپوءِ قوم کي ??زيراعظم عمران خ??ن جهڙو اڳواڻ مليو آهي، پاڪستان ۾ هڪ اهڙو مفاد پرست ٽولو آهي جنهن جا مفاد ملڪ کان ٻاهر آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جاري ڪيس پاڪستان جي جمهوري مستقبل جو فيصلو ڪندو، فرخ حبيب چيو ته هر اداري کي ??لڪي ??ال??يت عزيز آهي.