مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اسان اسلامي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪي?? ته مسلمان امت جي م??ادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي و??ير?? جي ڪائونسل جي م??جوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي م??مبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪي??. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. وزيراعظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪي??ن وڃن، هن زور ڏنو ته اسرائيل کي م??دس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. وزيراعظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ت?? عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي م??هن ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي سيڪريٽري جنرل قب??ل ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل وزيراعظم شهباز شريف کي م??صب عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي او آءِ سي جي باني م??مبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪي??. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪي??. هن مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ اسلامو فوبيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪي??.