اسلام آباد – پهرين مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راج?? پرويز اشرف چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڌما??ي جي نتيجي ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو، پورو پاڪستان پنهنجي چيني ڀائرن سان ڀرپور يڪجه??ي جو اظهار ڪري ٿو. راج?? پرويز اشرف چيو ته پاڪ چين دوستي ت?? حملو ٿيو آهي، پاڪستان دشمن جو تعاقب ڪندو، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ذريعي پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پاڪستان عظيم دوست چين سان پنهنجي سدابهار، لازوال دوستي تي آنچ اچڻ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته چيني رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ هر ممڪن وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو، پاڪستاني عو??م چيني رهواسين جي مارجڻ تي ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راج?? پرويز اشرف چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي لاءِ رکيل ڪتاب ۾ چيني رهواسين جي جاني نقصان تي چين جي حڪومت ۽ عو??م سان همدردي جو اظهار ڪندي پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.