اسلام آباد – 06 – جون (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب بي ج?? پي اڳواڻن جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ گستاخي وارن بيانن جي شديد لف??ن ۾ م??مت ڪندي چيو آهي ته خاتم المرسلين نبي رحمت حضرت محمد ﷺ جي ناموس ۾ گستاخي ڪري بي ج?? پي جي اڳواڻن پاڻ کي خسيس ثابت ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته دنيا جي سمورن انسانن لاءِ رحمت بڻجي ايندڙ نبي اڪرم ﷺ جي پاڪ سيرت ۽ ڪردار جو مطالعو ڪندڙ ڪو به سليم الفطرت انسان ان جو احترام ۽ ادب کانسواءِ رهي نٿو سگهي، ڪهن چيو ته بي ج?? پي اڳواڻن جي گستاخي وارن بيانن جي شديد لف??ن ۾ م??مت ڪريون ٿا، اهو بي ج?? پي جي انتهاپسنداڻي ۽ فتني واري سوچ جو هڪ ٻيو ثبوت آهي، مريم اورنگزيب چيو ته عالمي برادري بين المذاهب هم آهنگي ۽ مقدس هستين جي احترام جي عالمي تحريڪ جي منافي ڀارتي حڪومت جي روين ۽ قدمن جو نوٽيس وٺي، هن چيو ته ڀارت اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي بينادي حقن، مذهبي آزادين ۽ بنيادي انساني حقن جو مجرم آهي، ان کي ڪهٽڙي ۾ بيهاريو وڃي، وفاقي وزير چيو ته ه?? مسلمان پنهنجي آقا ڪريم ﷺ جي عزت ۽ حرمت کي پنهنجي جان کان وڌيڪ عزيز سمجهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ مرڻ لاءِ تيار آهي.