ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪالام ۾ ڦاٿل جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جي دو??ي تي پهتو، تنهن اتي موجود سياحن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سياحن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دو??ي تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجو?? آهن، انهن کي انهن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل س??ورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل س??اح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سياح اڃا موجو?? آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سيدو شريف ۽ ڪالام ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪالام ۾ ڦاٿل س??احن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل س??احن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.