اسلام آباد – 08 ̵1; سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي اڏامن جو سلسلو جاري آهي، ه??ستائين 56 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب امارات مان 26، ترڪيه مان 11، چي?? مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان چار، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون ٻه، گڏيل ق??من جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون ٽي، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ ۽ خوراڪ واري عالمي اداري جون ٻه اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن.