ڪراچي – 12 سيٽپمبر(اي پ?? پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفان جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ?? هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پ??تي جي س??مان ۽ طبي س??مان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي گهٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن د??را?? پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خاندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راشن جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي عل??وه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو آهي.