اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) پائ??دا?? ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائم پارلياماني ٽاسڪ فورس جي چيئرپرسن رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته ايشيا پيسفڪ ملڪ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي حڪمت عملي جوڙين ڇو ته هي سفر هڪ ٻن ڏينهن جو نه آهي پر هڪ مسلسل جدوجهد آهي، اڄ پاڪستان متاثر ٿيو آهي سڀاڻي ڪو به ملڪ متاثر ٿي سگ??ي ٿو. آءِ پي يو ايشيا پيسفڪ ريجن جي ٽئين سيمينار جي پڄاڻي سيش?? ۾ ??ختلف ميمبر ملڪن پاران سيمينار کي ڪارائتو بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. ان موقعي تي ايران پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ت?? اسان کي سيمينار کي نتيجا خيز بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو نه ته سموريون ڪوششون ضايع ثابت ??ين??يون. ويتنام جي نمائندي جو چوڻ هو ته پاڪستان کي ٻوڏ جون تباهيون درپيش آهن اسان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي عالمي سطح تي مدد ڪرڻ گهرجي. نيپال تجويز ڏني ته سمورن ايشيائي ملڪن کي هڪ جهڙا مسئلا درپيش آهن ان لاءِ اسان سڀني کي هڪ گڏيل پارلياماني مڪينزم جوڙي انهن مسئلن مان نڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. سيمينار جو پڄاڻي سيشن اڄ اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ??ين??و.