اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ خميس ڏينهن اسلام آباد کان ثمرقند روانو ٿيندو. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ثمرقند ايئرپورٽ کان حضرت خضر ڪمپليڪس ويندو جتي هو مسجد خضر سميت اسلام ڪاري – موف جي مزار تي پڻ ويندو جنهن کانپو??ِ وزيراعظم تاجڪستان جي صدر امام امام علي رحمان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيئوف ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان جدا جدا ملاقات ڪندو. وزيراعظ?? ايراني صدر ابراهيم رئيسي، بيلارو?? جي صدر اليگزينڊر گريگوري – وچ لوڪا شينڪو ۽ ڪرغزستان جي صدر سيد راجاپاروف سان پڻ ملاقات ڪندو. وزيراعظم ازبڪ ص??ر پاران مملڪتي سربراهن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. آجياڻي کانپو??ِ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو.