ڪراچي- 12 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران وزيراعظم ميان محمد شھباز شريف جي ٻوڏ متا??ر خاندانن ۾ في خاندان 25 ھزار روپين جي مالي سھائتا جو اعلان ڪيو ويو جنهن تحت ھيل تائين 26 لک 3 هزار ٻوڏ متاثرن ۾ في خاندان 25 ھزار روپين جي حساب سان سڄي ملڪ اندر متا??ر خاندانن ۾ 65 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ورها??جي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي پاران ٻوڏ متا??ر خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپين جي مالي مدد ڏني ??ئي آهي اها رقم ٻوڏ متاثرن ۾ وزيراعظم ميان شھباز شريف جي پاڪستان جي فلڊ رليف ڪيش امداد تحت ورهائي پئي وڃي. سنڌ ۾ 18 لک خاندانن ۾ 45 ارب رپيا ورهايا ويا آهن.بلوچستان جي 2 لک کان وڌيڪ متا??ر خاندانن کي 5 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ڏني ??ئي آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي 3لک متا??ر خاندانن کي 7 ارب 40 لک رپيا ادا ڪيا ويا آهن ۽پنجاب ۾ 3 لک 20 هزار خاندانن ۾ 8 ارب کان وڌيڪ رقم ورهائي ??ئي آهي. گلگت بلتستان جي 442 ٻوڏ متا??ر خاندانن کي 1 ڪروڙ 10 لک رپيا امداد فراهم ڪئي ??ئي آهي.بينظير انڪم سپورٽ پروگرام امدادي رقم جي فنڊز جي ورهاست ۾ شفافيت کي يقيني ب??ائي رهيو آهي.