اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آ?? ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن جو هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کا?? محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته عمران خان توهان ڪرپشن ن?? ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کا?? ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر صرف فوج ?? بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪستان تحريڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله ڏوهاري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ڇڏيو ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنجن ويجهن ماڻهن کا?? اکيون ڦيري ڇڏيون، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کا?? نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته ??ون??ون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿينديون.