شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ فني مهارت جي ??راهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي، زمين کي ماحولياتي تبديلين جي ??نفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي، عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي ??ڪمل حمايت ڪري ٿو، ايم جي آئي موسمياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ صحيح رخ ۾ هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي ??سيع مقصدن جي ??اءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ زمين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ گهربل هر قدم ۾ ويجهي تعاون جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته ان اهم سربراهه اجلاس جي انعقاد جي ??اءِ ??حم?? بن سلمان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃون ٿا، اسان مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) شروع ڪرڻ تي ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان جي ان اهم ويزن کي قدر جي ??گاهه سان ڏسون ٿا جيڪو وچ اوڀر ۾ پنهنجي ??وعيت جو پهريون ماحولياتي نظام جي بحالي جو قدم آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي تحت فطرت تي ٻڌل حل اسان جي ??لڪ جي ??وسمياتي تبديلين جي ??نفي اثرن کان بچاءُ جي ايجنڊا جو بنياد آهي، اهڙي طرح فطرت تي ٻڌل قدم جهڙوڪ وڻڪاري، ملڪن کي مواققت جي صلاحيت جي تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪين ٿا ۽ قومي ۽ علائقائي سطح تي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ ۽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿا، اهو اسان جي ايجنڊا جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري تيز رفتار ماحولياتي عدم توازن درپي?? آهي جنهن جي ??تيجي ۾ اسان کي شديد برساتن، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، گرمي جي شدت، ٻيلن ۾ لڳندڙ مسلسل باهه، گليشيئرز جي ??گهڙڻ سان ٻوڏ ۽ اهڙي قسم جي ڪيترين ئي موسمياتي تباهي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي ۽ عالمي رابطن ۽ سائنس تي ٻڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي ??ڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان قدم کي ميمبر ملڪن ۽ انهن جي آبادي کي زندگي بدلائيندڙ ڪاميابي ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪندو. وزيراعظم چيو ته گرين پاڪستان پروگرام 2016ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو وڻڪاري جو اسان جو قومي پروگرام آهي جيڪو 2023ع تائين 3 ارب 30 ڪروڙ وڻ لڳائڻ ۽ 2030ع تائين ٽيڻ تي اضافي جي ??دف سان گڏ جاري آهي، ان سان مقامي آبادي جي ??اءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هتي پاڪستان جي ??روٽيڪٽيڊ ايرياز انيشي ايٽو جو پڻ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسان جي خطرن ۾ ورتل نباتات ۽ حيوانيات جي تحفظ لاءِ 36 لک هيڪٽر محفوظ علائقن ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي گرين انيشي ايٽو کي هلائڻ جي ??اءِ سعودي عرب کي ساراهي ٿو، پاڪستان اڳ ۾ ئي ڄاڻ جي ??ٽاسٽا ۽ ماهرن جي ??راهمي جي ذريعي تعاون کي وسعت ڏئي چڪو آهي، اها رڳو شروعات آهي، پاڪستان ايم جي آئي جي سمورن ميمبر ملڪن کي خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي، مين گرووز، محفوظ علائقن جي انتظام، ڪاربن اسٽاڪ جي تشخيص ۽ ٻيلن جي ??گراني جي ??ظام جي ??يام بابت تجربن ۽ فني مهارت جي ??ٽاسٽا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي گهري راضپي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته زمين عمل جي ??اءِ پڪاري رهي آهي پر ائين لڳي ٿو ته اسان مشڪل طريقي سان سکڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، ايم جي آئي طرز جو قدم صحيح رخ طرف هڪ وڏو قدم آهي، پاڪستان ان قدم جي ??سيع تر مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ رڳو ان قدم جي حد تائين نه پر موسمياتي تبديلي جي اثرن کان زمين کي محفوظ بڻائڻ جي ??اءِ هر قدم تي ويجهي تعاون سان ڪم جو منتظر آهي.