اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پ??يس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علو?? اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چ??ف جسٽس جسٽس اطهر من الله، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سيد حسن اظهر رضوي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شاهد وحيد جي سپريم ڪورٽ جي جج طور مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جسٽس عامر فاروق جي چ??ف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طور مقرري جي پڻ منظوري ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مقررين جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 175 اي تحت ڏني آهي.