اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خ??ن جي د??ري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ علائقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراع??م کي منصوبابندي واري وفاقي وزير ??حس?? اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان پڻ وزيراع??م کي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڊي آءِ خان ۽ ميانوالي اهم علائقا آهن، انهن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي ذريعي اهي علائقا خوشحال ٿيندا.