اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس انڊونيشين هم منصب رتنو مارسودي ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پنهنجي ٽوئيٽرهينڊل تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊونيش??ا جي پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي. ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران پرڏيهي وزير انڊونيش??ا جي پاڪستان سان يڪجهتي، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جي شڪار پاڪستان جي مسلسل امداد کي ساراهيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌ??ڪ چيو ته هن پاڪستان انڊونيشيا لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، عورتن جي حقن ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.