اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير مريم اورنگزيب بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ ??اڪ ايران سرحد تي دهشتگردن جي فائرنگ سان ??اڪ فوج جي چئن جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد عنصر پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپا خراب ڪ??ڻ چاهين ٿا، اسان جا حوصلا مضبوط آهن، اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاق?? وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد علي، لانس نائ??ڪ فريد الله خان، لانس نائيڪ عبدالرزاق ۽ لانس نائيڪ محمد يونس خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاق?? وزير فائرنگ جي واقعي ۾ شهيد اهلڪارن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.