اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي ??اص معاون شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان ??وجوانن جو ملڪ آهي. 15 ڪروڙ نوجوان اسان جو مستقبل نه پر حال ??هن ۽ و??و سرمايو آهن، موجوده حڪومت پاران ??وجوانن جي لاءِ خوشخبرين جي ڊگهي فهرست آهي پر پهرين خوشخبري جي ??روعات اڄ ٿي رهي آهي، هن اها ڳالهه پرائيم منسٽر يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز اسڪيم جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، شزه فاطمه خواجه چيو ته پهريون ڀيرو پيداوار يعني سيڊز ۽ فرٽيلائيزر جي لاءِ ٻج فراهم ڪيا ويندا. 2008ع ۾ شهباز شريف نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا، اسڪلز ڊيولپمينٽ تي 115 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، ان ۾ عورتن کي ترجيح ڏني وئي، ايگريڪلچر ڪريڊٽ اسڪيم شروع ڪئي وئي ۽ 18 ارب رپيا ڏنا ويا، يوٿ انٽرن شپ پروگرام تحت 50 هزار نوجوانن کي انٽرن شپ فراهم ڪئي وئي، نوجوانن کي ليپ ٽاپس ڏنا ويا جنهن پاڪستان ۾ ڳوٺن جو نقشو تبديل ڪيو، ان اسڪيم جي ??روعات هاڻي ٻيهر ٿيندي. نواز شريف 2013ع ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام شروع ڪيو، گوادر کان خنجراب تائين نوجوانن کي قرض ڏنا ويا، پوري پاڪستان ۾ هنر سيکاريو ويو، 5 لک کان ??ڌيڪ ليپ ٽاپس ۽ يوٿ لونز جاري ٿيا. هن چيو ته پي ٽي آءِ چئن سالن ۾ نوجوانن جي لاءِ عملي طور ڪجهه نه ڪيو. بدڪرداري، بدزباني عام ڪئي وئي، سياست کي ذاتيات تي آندو ويو. هن چيو ته اسان کي نوجوان ??سل کي هڪ بهتر ماحول فراهم ڪرڻو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نوجوان ??اهر نه وڃن پر ملڪ جي ??رقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ جو پروگرام نوجوانن سان ڪيل واعدن جو تسلسل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ سالن ۾ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻايون ته جيئن اهي ملڪي معيشت جو ڪارائتو حصو بڻجي ??گهن.