اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پشاور ۾ مسجد ۾ ??ود??ش ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته عبادت دوران مسلمانن تي ??ود??ش حملو ڪندڙ اسلام، ان??ان??ت ۽ پاڪستان جا دشمن آهن، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون قوم جي عزم کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، سموري پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مسجد ۾ ??ود??ش حملي جي نتيجي ۾ نمازين جي شهادت تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم دهشتگردن جي مڪمل ۽ حتمي خاتمي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. دهشتگردي جي پاڙ کان خاتمي لاءِ گڏيل ۽ ڏورس قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو نظرياتي بنياد خ??م ڪرڻ جي لاءِ سڀني مڪتبه فڪر کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسلام شهرين جي بي رحماڻي قتل ۽ ??ود??ش حملن جي اجازت بلڪل نه ٿو ڏي، اهڙيون دهشتگرد ڪارروايون اسلامي تعليم جي ابتڙ آهن. هن ??ود??ش حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي، حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي ۽ وا??ثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.