اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آئيو??ي ڪوسٽ معيشت، وا??ار ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي حوصلا افزائي جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان آئيو??ي ڪوسٽ جي پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي صدر اداما بگٽو گو جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو ??سپيڪر ر??جا پرويز اشرف پڻ موجود هو. وفد جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان آئيو??ي ڪوسٽ کي هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ”انگيج آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سٺا لاڳاپا آهن جن کي ترقي جي عمل ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان آهن. هن آئيو??ي ڪوسٽ جي وا??ارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جو ??ورو ڪن ۽ هتي دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. هن ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده سطح تي اطمينان جو ??ظهار ڪيو جيئن ته ٻئي ملڪ مختلف مسئلن تي متفقه خيال رکن ٿا ۽ مختلف عالمي فورمن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان 2004ع کان 2017ع تائين يو اين او سي آئي تحت آئيو??ي ڪوسٽ ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان سدائين آئيو??ي ڪوسٽ جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ عالمي ڪوششن جي حمايت ڪئي آهي. هن آئيو??ي ڪوسٽ جي قومي اسيمبلي جي صدر کي اهو به چيو ته هو اسلام آباد ۾ پنهنجو ??فارتي مشن قائم ڪن جيڪو ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 کي موثر طريقي سان منهن کانسواءِ دهشتگردي جي لعنت تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر وفد سان آئيو??ي ڪوسٽ جي قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو ۽ ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته وفد جو ??ورو ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. ان موقعي تي اداما بڪٽو گو چيو ته ان جي ملڪ جي قيادت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي. هن صدر کي پنهنجي ملڪ پاران پنهنجي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پارليامينٽرينز کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان حڪومت پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي صدر جا ٿورا مڃيا.