اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم هن وقت م??ڪ جي محافظن ۽ شهيدن سان گڏ بيٺل آهي، م??ڪ جي محافظن پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري پنهنجي ٻار?? کي يتيم ڪري قوم جي لکين ٻار?? کي يتيمي کان بچايو، رڳو انهن ماڻه?? کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جن بابت يقيني آهي ته اهي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث آهن، انهن واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ۾ انصاف جي سمورين گهرج?? کي پورو ڪيو ويندو، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف موجوده قانونن تحت ڪارروائي يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ 9 مئي جي افسوسناڪ واقعن سان سڄي ملڪ ۾ رياستي ۽ نجي ملڪيت?? کي پهچندڙ نقصان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 9 مئي تي پوري ملڪ ۾ شرپسندي ۾ ملوث ماڻهن مان 95 سيڪڙو ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي جڏهن ته اٽڪل 60 سيڪڙو ملوث ماڻه?? کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 9 مئي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي شرپسندن عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪار?? کي زخمي ڪيو، سرڪاري ۽ نجي ملڪيت?? کي شديد نقصان پهچايو. پوليس ۽ فوج جي گاڏين، ايمبولينسز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون گاڏيون ساڙيون ويون. ان کانسواءِ حساس ٺڪاڻن تي حملي، پوليس ٿاڻن، جناح هائوس ۽ ريڊيو پاڪستان پشاور جي عمارت?? کي باهه لڳائي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ پاران جاري پروپئگنڊه مهم جي ابتڙ سول ۽ نجي عمارتن ۽ ملڪيتن تي حملي آور ٿيندڙن جي خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ ۽ دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته رڳ?? اهڙن ماڻه?? کي آرمي ايڪٽ تحت ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو جن بابت مڪمل ثبوت موجود آهن ته اهي حساس ٺڪاڻن تي حملي ۾ ملوث آهن. آرمي ايڪٽ تحت هلندڙ ڪيسن جي فيصلن جي خلاف اپيل جي لاءِ اعليٰ عدالتن سان رجوع جو حق موجود آهي. اجلاس کي نادرا پاران فيشل ريڪگنيشن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي 9 مئي جي واقعن جي جاين جي فهرست سان گڏوگڏ وڊيو ۽ تصويرون پڻ ڏيکاريون ويون. ڪابينا 16 مئي تي ٿيندڙ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي ڪابينا قومي اسيمبلي مان 9 مئي جي ڪاري ڏينهن جي واقعن جي متفقه طور تي منظور ڪيل مذمتي قرارداد کي رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا مختلف دوست ملڪن ۾ پي ٽي آءِ جي پروپئگنڊه جو موثر جواب ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل ادار?? کي اهو يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته ڪنهن به معصوم شهري کي انهن واقعن جي آڙ ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي جڏهن ته اها به هدايت ڪئي ته واقعن ۾ ملوث ماڻهن جي نشاندهي ۽ گرفتاري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا کي روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي حوالي سان پڻ تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جنهن جي مفاهمتي ياداشت تي وزيراعظم جي سرپرستي هيٺ 17 مئي 2023ع تي صحيحون ٿيون تي عملدرآمد جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان مان حاجي سڳورا اميگريشن ڪرائي سعودي عرب ۾ انتظار کان بچي ويندا. ان جي لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ تي 5 خصوصي ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن جن تان هيستائين تازي حج جي لاءِ 2450 حاجي فائدو کڻي چڪا آهن. هن سال مجموعي طور تي 26000 حاجي سڳورا روڊ ٽو مڪه منصوبي مان فائدو کڻندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايندڙ سال م??ڪ جي ٻين وڏن هوائي اڏن تائين روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ کي توسيع ڏني ويندي ۽ ان مان فائدو کڻندڙ حاجين جي انگ کي 75000 تائين پهچايو ويندو. وفاقي ڪابينا ميجر جنرل رٽائرڊ حفيظ الرحمان جي پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن جي بطور ميمبر ايڊمنسٽريشن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي 16 مئي 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي.