اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ٻطرفن لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار جي فروغ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موج?? پاڪ ايران سرحد تي ”مند پشين بارڊر مارڪيٽ“ جي افتتاح کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وفدن سان ملاقات ٿي. پاڪستان جي وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊا??ٽر مصدق ملڪ، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، بلوچستان نيشنل پارٽي جو سربراهه سردار اختر مينگل، بلوچستان عوامي پارٽي جا پارلياماني ميمبر سردار خالد حسين مگسي ۽ زبيده جلال شامل هئا.