اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانونسازي سا?? شفاف ۽ منصفاڻو نظام ڏنو ويو آهي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني اختيارن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني حقن جي تحفظ ۽ دفاع جو ڀرپور حق رکي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو قانونسازي ج?? آئيني اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي، عدليه جو اختيار آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري رائٽ“ ڪرڻ يا قانونسازي جي اختيار تي پابندي هڻڻ عدليه جو اختيار نه آهي. هن چيو ته پارليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي تي قانونسازي ڪئي. آرٽيڪل 184 (3) بابت قانونسازي سا?? عدليه جي اختيار، آز??دي ۽ ??ود??ختياري ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ان قانونسازي سا?? ”ون مين شو ۽ امپيريل ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا ويا، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر موسٽ ججز مشاورت سا?? اهي اختيار استعمال ڪندا.