اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نجي ??ئنڪن کي فراڊ متاثرين کي 5 لک 64 هزار رپين کان وڌيڪ جي ??قم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. متاثرين کان فنڊ جي ??ن لائين منتقلي ۽ اي ٽي ايم فراڊ جي ??ريعي رقم ڦري وئي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ٽن فيصلن جي ??لاف الائيڊ بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۽ هڪ شهري جي ??پيل اڪلائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب شڪايت ڪ??دڙ محمد سليم ظفر، هدايت الله ۽ غلام محمد جا ترتيبوار لاهور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ، يونائيٽيڊ بئنڪ ۾ ضلعي ڪڙڪ ۽ پشاور ۾ الائيڊ بئنڪ لميٽيڊ ۾ جدا جدا اڪائونٽ هئا. سليم ظفر کي الائيڊ بئنڪ جي هيلپ لائين سان ملندڙ جلندڙ هڪ نمبر تان ڪال آئي ۽ ڪال ڪندڙ پنهنجو تعارف بئنڪ جي نمائندي طور ڪرايو. سليم ظفر ڪال ڪندڙن سان پنهنجي ??ئنڪنگ جي معلومات شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ان جي ??ڪائونٽ مان ڪ?? 3 لک 48 هزار 500 رپيا ڪڍيا ويا، اهڙي طرح هدايت الله جا يونائيٽيڊ بئنڪ لميٽيڊ جي ڊيجيٽل ايپ جو استعمال ڪندي ڪنهن نامعلوم ماڻهو هڪ لک 70 هزار 969 رپيا ڪڍي ورتا. جڏهن ته ان نه ته اليڪٽرڪ فنڊز ٽرانسفر (اي ايف ٽي) سهولت جي لاءِ درخواست ڏني هئي ۽ نه ئي ان جو استعمال ڪيو هو. اهڙي طرح غلام محمد جو ڪارڊ اي ٽي ايم مشين ۾ ڦاسي ويو هو ۽ بعد ۾ ان کي خبر پئي ته ڪجهه جعلسازن دوکي ذريعي ان جو ڪارڊ استعمال ڪندي ان جي ??ڪائونٽ مان غيرمجاز طريقي سان 45 هزار رپين جي ??قم ڪڍي ورتي. شڪايت ڪ??دڙن ريليف جي لاءِ بئنڪن سان رجوع ڪيو پر ڪو نتيجو نه نڪتو. ان کانپوءِ هنن جدا جدا بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو، جنهن سليم ظفر ۽ هدايت الله جي ڪيسن ۾ انهن جي وڃايل رقم واپس ڪرڻ جڏهن ته غلام محمد جو ڪيس شڪايت بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي ??لاف صدر کي اپيلون ڪ??ون ويون، جن بئنڪن کي هدايت ڪئي ته بئنڪ فراڊ جي ٽنهي متاثرين کي فراڊ ڪيل رقم ادا ڪئي وڃي. صدر سليم ظفر ۽ هدايت الله کي معلومات ۾ پنهنجي فيصلن ۾ قرار ڏنو ته لاڳاپيل بئنڪون صارفين جي ??ضامندي ۽ ڄاڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊز ٽرانسفر جي ??هولت کولي، ڄاڻ ۽ رضامندي کانسواءِ فنڊز ٽرانسفر سهولت کولڻ اسٽيٽ بئنڪ جي قاعدن جي ??لاف ورزي آهي. شڪايت ڪ??دڙن اهڙي سهولت کولڻ جي ڪا درخواست ناهي ڪئي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته بئنڪ فنڊن جي منظوري جي ??رطن کي واضح انداز ۾ ٻڌائڻ بابت ڪ?? ثبوت پيش نه ٿا ڪري سگهن. بئنڪنگ پاران بدانتظامي ثابت ٿي آهي، انهي لاءِ متاثرين کي فراڊ جي ??قم واپس ڪئي وڃي. صدر چيو ته غلام محمد جي ڪيس ۾ ثابت ٿيو ته جعلسازن دوکيبازي جي ??ريعي صارف جو ڪارڊ حاصل ڪيو، صارفين جي مفادن جو تحفظ بئنڪ جي ??نيادي ذميواري آهي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪيس کي بند ڪرڻ جي فيصلي کي رد ڪندي اي بي ايل کي هدايت ڪئي ته بئنڪ غلام محمد کي ان جي وڃايل 45 هزار رپين جي ??قم واپس ڪري.