انقره-03 جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز پاڪستان ۾ ترڪيھ جي سيڙپڪارن جي آجيان ڪئي آ??ي. وز??راعظم آفيس پاران جاري بيان مطابق وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪ – ياترم جي چيئرمين ۽ ترڪيھ جي پرڏيهي، اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي صدر نيل اولپاڪ سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تجديد جوڳي توانائي ۽ تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري تي ڳالهيون ٿيون. ترڪيھ جي پرڏيهي اقتصادي لاڳاپن واري بورڊ جي صدر وز??راعظم کي ترڪ ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي بابت آگاهه ڪيو، جنهن جي وز??راعظم آجيان ڪئي. ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب، خصوصي معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيھ ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد به شرڪت ڪئي.