حيدرآباد- 15 جون (اي پي پي) توانائيءَ واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان چيو آهي ته ??امونڊي طوفان سبب پيدا ٿيل صورتحال جو لاڳيتو جائزو وٺي رهيا آهيون، وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي، ڪوشش آهي ته بج??ي جي فراهمي بنا رڪاوٽ برقرا رهي. هو حيدرآباد ۾ حيسڪو پاور ونگ ڪانفرنس هال ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي حيسڪو چيف مظفر عباسي ۽ ٻيا به موجود هئا. هن چيو ته ??يز طوفاني هوائن سان ننڍا ننڍا نقصان ٿيا آهن جڏهن ته ??امونڊي طوفان بائپر جوائي سبب بج??يءَ جي نظام ۾ ڪوبه وڏو خلل نه آيو، پر آر ايل اين اين جي گيس جي فراهمي متاثر ٿي آهي، هاڻي گيس به وٺي ڇڏي آهي. هن چيو ته ??همپير ۾ 8 پول تيز هوائن سبب ڪِري پيا، انهن تي ڪم جاري آهي. سجاول، لاڏيون گرڊ اسٽيشن ??تاثر ٿيو آهي، اڄ تائين اهي به بحال ٿي ويندا، جتي جتي ضرورت پئي اين ٽي ڊي سي ۽ ڊسٽري بيوشن عملو گُهرايو پيو وڃي. ملتان ۽ فيصل آباد مان 2 هزار ماڻهو پهچي رهيا آهن، حيسڪو به هڪ منصوبو ٺاهيو آهي. هن چيو ته ??وانائي واري وزارت قومي جذبي سان ڪم ڪري رهي آهي، بائپر جواءِ تي قومي تاثر اچي رهيا آهن، سڀئي ان کي مُنهن ڏيڻ ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع منصوبا بندي تيار ڪئي آهي. هن چيو ته ??رسات ۽ طوفان سبب بج??ي جي معمول جي فراهمي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي، جڏهن ته لوڊشيڊنگ جيڪڏهن ٿي رهي آهي ته ??ن جو سبب اهو آهي ته ??يسڪو جي نقصان تمام گهڻو آهي ان لاءِ ضابطي تحت لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ بج??ي جي فراهمي جلد بحال ڪئي ويندي. حيسڪو جي 12 ٽرانسميشن ۽ 90 فيڊرز آهن جن تي طوفان سان اثر پئجي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي مسئلا آهن جيتوڻيڪ ڪجهه اڻٽر سببن جي ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بج??ي جي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته قومي پاليسيءَ تحت هر صارف کي مساوي ٽيرف ڏنو وڃي ٿو.