اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان جاپان لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو و??تو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپان جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ايسوسيئيشن جي ص??ر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني ع??ديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جي ع??ام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.