اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب گيريزن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظها?? ڪندي چيو آهي ته شهيد قوم جو فخر آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جي ق??م جو فخر آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جان نڇاور ڪري ملڪ کي تمام وڏي جاني نق??ان کان بچايو، پاڪستاني ق??م پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.