اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي صدر افضل بٽ جي رهائشگاهه تي ويو ۽ ساڻس والده جي لاڏاڻي ت?? تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي ت?? نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جو سيڪريٽري راجا خليل، سينيئر صحافي نوابزاده خورشيد، راڻا عمران لط??ف، شڪيل احمد عباسي، ينگ ميڊيا ورڪنگ جرنلسٽس ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري انفارميشن نوابزاده شاهه علي پڻ موجود هو. اي پي پي جي اي?? ڊي محمد عاصم کچي چيو ته والدين جو ڪوبه نعم البدل نه آهي، الله تعاليٰ مرحومه جي مغفرت فرمائي ۽ کيس جن?? الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.