اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي معاونين ۽ عملي خاص طور تي پنهنجي ميڊيا ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي سيڪريٽريز ۽ سرڪاري آفيسرن سان الوداعي ملاقا?? جي موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم پنهنجي خاص معاونين جهانزيب خان ۽ ??حد چيما جو خاص طور تي ذڪر ڪيو ۽ چي?? ته انهن وڏي محنت سان ڪم ڪيو ۽ منهنجي مدد ڪئي. خاص معاون طارق فاطمي جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چي?? ته هن ان بزرگي ۾ به منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. پريس سيڪريٽري عبدالاڪبر جي حوالي سان وزيراعظم چي?? ته هو انتهائي شريف النفس آفيسر آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکي ٿو ۽ انتهائي شاندار شخصيت جو مالڪ آهي. هن پنهنجي تقرير لکندڙ ارشد ملڪ ۽ پي آر او عمر فاران کانسواءِ سرڪاري ميڊيا ٽيم جا پڻ ٿورا مڃيا ۽ انهن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.