اسلام آباد-18 آگسٽ (اي پي پي)مشهور ف??ڪا??، فلم پروڊيوسر ۽ هدايتڪار جمال شاهه نگران حڪومت ۾ وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کانپوءِ قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي. قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير ذميواريون سنڀالڻ کانپوءِ وزارت جي سيڪريٽري فا??ين?? مظهر ۽ قو??ي ورثي ۽ ثقافت واري ڊويزن جي ٻين آفيسرن سان ملاقات ڪئي. وفاقي سيڪريٽري وفاقي وزير جمال شاهه کي تعارفي بريفنگ ڏني ۽ کيس هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي ڪم جي باري ۾ آگاهه ڪيو. آفيسرن کي خطاب ۾ وفاقي وزير چيو ته هو ملڪ ۾ ثقافت ۽ ف??ڪا?? برادري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪندو. جمال شاهه چيو ته هن ان عهدي کي هڪ چئلينج طور قبول ڪيو آهي ۽ هو پنهنجون ذميواريون پوري محنت ۽ شوق سان نڀائيندو.