اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نو??را??حق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر نگران وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ?? امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پ??را?? بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم ??نڌ جي گورنر جا ٿو??ا مڃيا ۽ لاڳاپيل ادارن کي انهن تجويزن جي حوالي سان تفصيلي مشاورت جون هدايتون ڪيون. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.