اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مصدق ملڪ ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اخونزاده چٽان ڪالهه اربع ڏينهن جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته نگر??ن حڪومت جو بنيادي مينڊيٽ چونڊن جي لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ چونڊ عمل جي نگراني ڪرڻ آهي، اقتدار جي پرامن منتقلي اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته نگر??ن حڪومت صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ کي ممڪن بڻائيندي.