اسلام آباد – 07 – نومبر (اي ??ي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي م??ٽر??ي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تائين رستي جي عدم دستيابي بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سول??گي چيو ته ممڪن ٿيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ ئي ان تي ڪم ش??وع ڪرايو ويندو. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر محسن عزيز پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه کان ايندڙ مسافرن جي لاءِ م??ٽر??ي ايم ون سيڪشن کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ طرف رستي جي عدم دستيابي سان ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حوالي سان ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سول??گي چيو ته سينيٽر محسن جيڪو معاملو اٿاريو آهي ۽ جيڪا تجويز هن پيش ڪئي آهي اها تمام مناسب آهي، خيبرپختونخواهه مان ايندڙ ماڻهن جي تڪليفن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، اهو معاملو اڄ ئي لاڳاپيل وزارت جي نوٽيس ۾ آندو ويندو ۽ جيڪڏهن ممڪن ٿيو ته موجوده ??گران حڪومت جي مدي ۾ ئي اهو منصوبو ش??وع ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي هدايت ڪئي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ منصوبابندي ڊويزن ان حوالي سان منصوبو تيار ڪن ۽ حڪومت ان لاءِ فنڊز فراهم ڪري.