اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فو??سز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيند??سي??، پوري قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خاتمي ل??ءِ پنهنجي سيڪيورٽي فو??سز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فو??سز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي ل??ءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيند??سي??، شهيدن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي پنهنجي شهيدن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪڏهن به ??مز??ر نه ڪري سگ??ند??، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور جي خاتمي ل??ءِ پنهنجي سيڪيورٽي فو??سز سان گڏ بيٺل آهي.