اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) انٽيلي جنس بي??رو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد، رٿابندي واري وزير محمد سميع سعيد، رٿابندي ڪميشن جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان، قانون واري وزير احمد عرفان اسلم، وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪ??ر وقار مسعود، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال دوران انٽليجنس بي??رو لاءِ 25 ڪروڙ روپين جي اضافي فنڊن جي فراهمي بابت سمري پيش ڪئي ??ئي. انٽيليجنس بي??رو طرفان ڪميٽي کي دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافي بابت بريفنگ ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي روڪڻ لاءِ اثرائتا جوابي قدم ضروري آهن. ڪميٽي آءِ بي جي اپ گريڊيشن، فني بهتري ۽ بي??رو جي سرگرمي?? لاءِ ضروري بنياد تي فني ضمني گرانٽ جي صورت ۾ فنڊن جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداو??ر واري وزارت طرفان مقامي طور تي تيار ڪيل يوريا سان گڏ ٻاهران گهرايل يوريا جي باسڪٽ پرائس ۽ وڪري جي طريقيڪار بابت سمري پيش ڪئي ??ئي. اي سي سي ويٽڊ اوسط قيمت جي منظوري ڏيندي نيشنل فرٽيلائيزر مينوفيچڪرنگ لميٽيڊ ڪمپني کي قيمتون مناسب رکڻ جڏهن ته صنعت ۽ پيداو??ر وزارت کي سڄي عمل جي نگراني جي هدايت ڪئي. اي سي سي قومي صحت واري وزارت جي سمري تي فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف اميونائيزيش?? لاءِ 3568.56 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي صوبن کي التوا ۾ پيل رهتون ڪليئر ??رڻ جي هدايت به ڪئي. اجلاس ۾ سبسڊي گرانٽ ايگريمينٽ (ايس جي اي) جي ضميمه تي صحيحن بابت ناڻي واري وزارت جي سمري جي منظوري پڻ ڏني ??ئي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وزارت جي سمري تي 100 ملين روپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظوري ڏني ??ئي. اها گرانٽ پاڪستان هاڪي ٽيم جي عالمي مقابلن ۾ شرڪت ۽ راندين جي ٻين سرگرمين سميت ڀارت سان ڊيوس ڪپ ۽ شطرنج جي مقابل?? لاءِ استعمال ۾ آندي ويندي.