اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وفاق?? ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) سال 2023ع دوران ٽيڪس ۽ ڪسٽم عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو آهي جڏهن ته 2022ع ۾ شڪايتن جو انگ 6106 هو، ايف ٽي او 2022ع ۾ 7 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 2023ع ۾ ٽيڪس ڏيندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪيو آهي. اها ڳالهه صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي بريفنگ دوران ٻڌائي وئي ??نه?? اسلام آباد ۾ ايف ٽي او آفيس جو دورو ڪيو. وفاق?? ٽيڪس محتسب (ايف ٽي او) ڊاڪٽر آصف محمود جاهه، ايف ٽي او جي صلاحڪارن، علائقائ?? سربراهن ۽ ايف ٽي او جي سينيئر عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاق?? ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي ايف ٽي او جي مجموعي ڪارڪردگي، آئوٽ ريچ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت جي لاءِ کنيل قدمن بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او 60 ڏينهن جي اندر ٽيڪس عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايت ڪندڙن کي مفت انصاف فراهم ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2023ع دوران شڪايتن جي ازالي جي لاءِ سراس??ي وقت کي گهٽ ڪري 44 ڏينهن ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايف ٽي او هڪ عوامي ريليف تي ٻڌل ادارو آهي ??نه?? پنهنجي فيصلن جي ذريعي گهٽ پگهار وارن ملازمن، استادن، پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ گاڏين جي خريدارن ک?? ٽيڪس ۾ ريليف فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايف ٽي او ملڪ جي مختلف شهرن ۾ نيون آفيسون کولڻ، هيلپ لائين قائم ڪرڻ ۽ سيمينارز ۽ ڪاروباري برادري سان ڳالهه ٻولهه جي ذريعي آگاهي ڦهلائي پنهنجي پهچ ۽ ڪيسن جي داخلا کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ايف ٽي او سوشل ميڊيا ۽ سيلولر ڪمپنين جي ذريعي وڏي پئماني تي پيغام پهچائڻ جو استعمال ڪند?? ٽيڪس جي معاملن ۾ پنهنجي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ سرگرم عمل آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ايف ٽي او ک?? ٽيڪس ڏيندڙن تائين پنهنجي پهچ وڌائڻ کانسواءِ شڪايتن جي داخلا ۽ انهن کي اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ گهرجي. هن ايف ٽي او۽ ايف بي آر جي وچ ۾ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد ۽ ٽيڪس نظام ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ تعاون وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيڪس ۽ روينيو جنريشن کي وڌائڻ جي لاءِ بهتر ٽيڪس نظام لازمي آهي ??نه?? سان اسان جي معيشت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ قرضن تي ملڪ جو دارومدار گهٽ ڪر?? ۾ ??دد ملندي. صدر ايف ٽي او جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ??نه?? شڪايت ڪندڙن کي 17.74 بلين رپين جو ريليف فراهم ڪرڻ کانسواءِ گذريل سال 8128 شڪايتن جو ازالو ڪيو. هن شڪايت ڪندڙن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي وقت سر ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.