اسلام آباد – 05 – فيبروري (اي پ?? پي) پرڏيهي آفيس ڪالهه سومر ڏينهن ڪانسٽي ٽيوشن ايونيو ۾ ڪشمير ??ڪج??تي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ واڪ منعقد ڪئي جنهن جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن سان ??ڪج??تي جو اظهار ڪرڻ هو. پرڏيهي سيڪريٽري محمد سا??رس سجاد قاضي جي قيادت ۾ پرڏيهي آفيس جي عملدارن ڪشميرين سان ??ڪج??تي جي اظهار لاءِ واڪ ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. واڪ جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو ۽ پاڪستان انهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪري ٿو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ضمانت پڻ ڏني وئي آهي. ٻئي طرف پرڏيهي آفيس جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير ??ڪج??تي ڏهاڙي جي موقعي تي اچو اسان امن ۽ انصاف جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون، اسان سڀ گڏجي ڪشميري عو??م سان ??ڪج??تي جو اظهار ڪندي انهن جي حقن ۽ پراڻي تڪرار جي پرامن حل جي وڪالت ڪريون ٿا.