اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آڇي ٿو، هُو ڪويتي ڪمپني ايزٽيڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله ال موتيري سان ڳالهائي رهيو هو ج??هن اڱاري ڏي??هن ساڻس مُلاقات ڪ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ايزٽيڪ جهڙين عالمي ڪمپنين جي پ??ڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي.