اسلام آباد– 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ف??ان?? جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ف??ان??يسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ف??ان?? جي سفير نڪولس گيلي ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. ف??ان??يسي سفير ف??ان?? جي وزيراعظم جبريل اٽل پاران مبارڪباد وارو خط پهچاي??. و??يراعظم مبارڪباد واري پيغام تي ف??ان??يسي قيادت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان جا ف??ان?? سان دوستاڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن، جيتوڻي ڪجهه سال اڳ اهي لاڳاپا مشڪل دور مان گذريا هئا پر هاڻي ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. وزيراعظم ف??ان?? جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو جن ۾ 2022ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ??ي اجلاس، جون 2023ع ۾ موسمياتي تبديلي ??ابت نئين مالياتي معاهدي بابت پيرس ڪانفرنس ۾ ٿيندڙ ملاقاتون شامل هيون. هن جنوري 2023ع ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان بابت جنيوا ڪانفرنس ۾ ورچوئل شرڪت جي ذريعي صدر ميڪرون جي شرڪت کي پڻ ساراهي??. و??يراعظم صدر ميڪرون کي جلد کان جلد پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. هن ٻنهي ڌرين پاران گڏيل تعاون خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ ف??ان??يسي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن ف??ان?? پاران اعليٰ ف??ان??يسي ڪمپنين جي ڪارپوريٽ ليڊرن کي جلد پاڪستان جي دوري تي آڻڻ جي قدم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم اهو به ٻڌايو ته معيشت جو استحڪام حڪومت ج?? ايجنڊا ۾ سرفهرست آهي. ملاقات ۾ غزه ۽ افغانستان جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم خطي ۾ ف??ان?? جي امن ڪوششن کي ساراهيو. ف??ان??يسي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ۽ کيس ٻطرفن معاملن تي ٿيندڙ تازي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ٻطرفي تعاون تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ف??ان??يسي وفد جو پاڪستان اچڻ متوقع آهي. هن چيو ته ٻطرفن رابطن کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ ف??ان?? گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند اهي.