اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان ??لسعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار معزز مهمان ??ي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وزيراعظم جي تازي سعودي عرب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب سان لاڳاپن جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مض??وط بڻائڻ جي ??اءِ پاڪستان ??ي پراڻي عزم جو و??جاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سعودي عرب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي ??يادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي ??اءِ سعودي عرب جي ??ائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ??اءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان ??لسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ??ان ??عودي عرب جي گهري ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي ??ور ڏنو.