اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه جو ور??اءُ ڪيو آهي ته ??اڪ??تان سدائين تاريخ جي صحيح رخ تي بيهڻ جي رستي جي چونڊ ڪندي ”ون چائنا“ جي اصول جي پاسداري ڪري ٿو. چين ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 73 هين سالگرهه جي موقعي تي شايع ٿيل چيني ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته ??اڪ??تاني عوام چين سان غيرمشروط محبت ڪري ٿي. واضح رهي ته مارچ ۾ ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ کانپوءِ ڪنهن به غيرملڪي ميڊيا سان صدر زرداري جي اها پهرين ڳالهه ٻولهه هئي. ٻنهي ملڪن جي اڳوڻي اڳواڻن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي ياد ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته منهنجي مرحوم سُهري ??اڪ??تان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو قوم کي چيو هو ته اوڀر طرف ڏسو، چين طرف ڏسو. صدر آصف علي زرداري جنهن ??اڪ??تاني صدر جي طور تي پنهنجي پهرين مدي دوران 9 ڀيرا چين جو دو??و ڪيو هو، هن ”تائيوان جي آزادي“ جي ڪنهن به شڪل کي رد ڪندي ون چائنا اصول تي سختي سان ڪاربند رهڻ جي ??اڪ??تان جي موقف جو ور??اءُ ڪيو. هن چيو ته تائيوان چين جو حصو آهي. ان کانسواءِ ڪو رستو نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪ??تان سدائين چين سان گڏ بيٺل رهندو ۽ چين جي بنيادي مفادن جو تحفظ ڪندو. چين ??اڪ??تان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي شروعات، گوادر پورٽ جي ترقي تي تبص??و ڪندي آصف علي زرداري چيو ته 11 سال اڳ سي پيڪ جي شروعات کانپوءِ گوادر پورٽ تي تمام گهڻو ڪم ٿي چ??و آهي، اها بندرگاهه سڄي دنيا مان سيڙپڪارن کي سدائين ڀليڪار چوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ??اڪ??تان وڌيڪ اسڪولن جي ان ڳالهه تي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي ته هو چيني زبان کي پنهنجي لازمي نصاب ۾ شامل ڪن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماڻهن جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ وڌيڪ پاليسين تي زور ڏنو. چيني عوام جي ڪاميابين کي ساراهيندي آصف علي زرداري چيو ته پاليسين جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ چين جي ڪاميابي جو هڪ اهم سبب آهي ۽ ??اڪ??تان چين جي ترقي جي عمل ۾ وڌيڪ شامل ٿيڻ جي اميد ڪري ٿو.