اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان و??ندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد ??سحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تعاون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪندو جيڪو ايس سي او جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالم?? تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم ک?? مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.