اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه آذربائيجان جو صدر الهام عليوف 11 کان 12 جولاءِ تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران صدر الهام عليوف صدر آصف ع??ي زرداري ۽ وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان ملاقاتون ڪندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي شعبن تي وسيع پئماني تي ڳالهه ٻولهه ڪنديون. اميد آهي ته دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي ص??يحون پڻ ٿينديون. بيان موجب آذربائيجان جي ص??ر جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط تعاون ۽ قيادت جي سطح تي ڳالهه ٻولهه جي عڪاسي ڪري ٿو.