اسلام آباد-12 جولاءِ (اي پ?? پي) صنعت، پيداوار ۽ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنو??ر حسين چيو آهي ته پاڪستان هڪ هزار زرعي گريجوئيٽس کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت لاءِ چين م??ڪليندو، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. اهڙو اظهار هن م??سٽر ڪائونسلر، ايمبيسي آف پيپلز ريپبلڪ آف چائنا زوهينگ تيان سان م??اقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات جو مقصد پاڪستاني زرعي گريجوئيٽس کي چين م??ڪلڻ جي طريقيڪار کي حتمي شڪل ڏيڻ هو. ڄاڻايل اسڪالرشپ جو اعلان وزيراعظم پاڪستان جي تازي چين جي دوري دوران ڪيو ويو هو. وفاقي وزير چيو ته اسڪالرشپ جو بنيادي مقصد خوراڪ ۽ زرعي شعبن ۾ پاڪستاني گريجوئيٽس جي صلاحيت ۽ مهارتن کي وڌائڻ آهي. شاگردن کي جديد زرعي طريقن ۽ فني مهارتن سان ليس ڪيو ويندو. هن چيو ته شاگرد چين ۾ زراعت ۾ جدت ۽ جديد تحقيق سکندا، تربيت زراعت ۽ خوراڪ جي حفاظت ۾ مخصوص مهارتن جو احاطو ڪندي. راڻا تنو??ر حسين چيو ته شاگردن کي پ??ري پاڪستان مان چونڊيو ويندو. بلوچستان جي شاگردن کي ترجيح ڏني ويندي. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ زرعي يونيورسٽي ف??صل آباد اسڪالرشپ پروگرام کي لاڳو ڪندو.