تهران – 30 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ايران جي ??ئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شرڪت جي ??اءِ تهران جو دورو ڪيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران صدر پيز شڪيان کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هن نئين سياسي انتظاميا کي اقتدار جي ڪامياب منتقلي تي ايراني قوم کي مبارڪباد ڏني. نائب وزيراعظم نئين ايراني انتظاميا سان حماي?? ۽ ??ڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسلامي جمهوريه ايران سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو.